سوامي تلوڪداس

سوامي تلوڪداس: سوامي تلوڪداس مهاراجا جئه بابا، شري وريو مل لڇواڻي، 2 اپريل 1905ع عبدو ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو کٽڻ مل هو. هيءُ هڪ سال جي عمر جو هو ته سندس والده لاڏاڻو ڪري وئي، جنهنڪري سندس ڀينرن پالنا ۽ پرورش ڪئي. پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي تعليم حاصل ڪيائين. 16 سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ جي درٻار صاحب، ليسوڙي آشرم جي شيوا ڪرڻ لڳو. سدائين مندر ۾ هوندو هو ۽ مندر جي خدمت ڪندو هو. ليسوڙي آشرم ۾ هن سنت نارائڻ داس کان سنڌي، فارسي ۽ گرمکيءَ جي تعليم ورتي ۽ پوءِ گروگرنٿ سميت ٻين به ڪيترن ڪتابن جو مطالعو ڪيائين. هن هڪ شيوا منڊلي به قائم ڪئي، جنهن ذريعي ٻين کي تعليم ڏيندو هو. هيءُ غريبن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان هو. جيترو پڄندو هوس ته غريبن جي مدد ڪندو هو. ڊاڪٽر ديال آشا لکيو آهي ته سوامي صاحب هڪ سٺو ڪوي هو. سندس لکيل ڪتاب اداسي ڀڄناولي، گرو مهما، گيان گلدستو، گيان گودڙي ۽ رهبر اُپديش شايع ٿيا آهن.


لفظ سوامي تلوڪداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.04.02  عيسوي

سوامي تلوڪداس مهاراجا جئه بابا، شري وريو مل لڇواڻي، 2 اپريل 1905ع عبدو ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن وساڻ
ديبلي ابو محمد حسن بن حامد
جمالي مصري خان
اربيلو فقير ڪٽپر
ڀرٽ عبدالحق
پيرل سومرو
ويرو ڪولھي
محمد اڪرم سمو
عبدالله ملاح پروفيسر
اوڌو داس تاراچند راءِ بهادر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون